File:How To create a new article on Sindhi Wikipedia in Sindhi.pdf

From Wikimedia Commons, the free media repository
Jump to navigation Jump to search

Original file (1,275 × 1,650 pixels, file size: 266 KB, MIME type: application/pdf, 2 pages)

Captions

Captions

How To create a new article on Sindhi Wikipedia in Sindhi

Summary

[edit]
Description
سنڌي: سنڌي وڪيپيڊيا تي هڪ نئون مضمون ڪيئن لکجي؟
 السلام عليڪم سنڌي وڪيپپيڊيا تي ڀليڪار  |  سنڌي وڪيپيڊيا تي هڪ نئون مضمون ڪيئن لکجي؟

هن سکيا وڊيو ۾ توهان سکي سگهندا ته . سنڌي وڪيپيڊيا تي هڪ نئون مضمون ڪيئن تخليق ڪجي توهان پنهنجي مضمون کي بناوٽ (فارميٽ) ڪيئن ڪري سگهو ٿا سنڌي وڪيپيڊيا جي مضمون ۾ حوالا ڪيئن شامل ڪجن، ان ۾ زمرا ڪيئن شامل ڪجن ۽ جڏهن توهان جو مضمون لکجي تيار ٿي وڃي ته توهان ان کي محفوظ يعني سيو ڪيئن ڪري سگهو ٿا ان کي ايڊٽ ڪرڻ وقت پري ويوو ڪيئن ڪجي. ترميم خُلاصو يعني اڊٽ سمري ڪيئڻ شامل ڪجي

توهان کي ڇا جي ضرورت پوندي؟ هاڻي ان سڄي عمل لاءِ توهان کي جن شين جي ضرورت پوندي سي آهن توهان کي هنن شين جي ضرورت آهي توهان وٽ انٽرنيٽ تائين رسائي هجي توهان جنهن عنوان/موضوع تي مضمون لکڻ ڇاهيو ٿا اهو معروف (نوٽيبل) سبجيڪٽ هجي ان لاءِ توهان جنهن موضوع بابت مضمون لکڻ چاهيو ٿا ان بابت ڪجه تحقيق پڻ ڪريو قابل اطمينان (اعتماد) ذريعو/ حوالا (مثال طور، ڪتابن، اخبارن، سرڪاري / تنظيمي ويب سائيٽون)، بلاگ ويب سائيٽ جو حوالو ڀروسي لائق نه آهن ۽ قابل قبول نه آهن توهان کي هڪ وڪيپيڊيا جو اڪائونٽ هجڻ گهرجي، اڪائونٽ رکڻ سان توهان کي ڪيترائي فائدا ٿيندا، جهڙوڪ توهان پنهنجو واپرائيندڙ (يوزر) پروفائل ٺاهي سگهندا ۽ توهان پنهنجو واپرائيندڙ بحث صفحو هوندو جتي ٻيا ايڊيٽر توهان سان مختلف شين تي بحث يا صلاح مشورو ڪري سگھن ٿا، ۽ انهي سان گڏ هڪ اڪائونٽ هجڻ مطلب ته توهان جي مضمون لکڻ سان گڏ اهو توهان جي نالي سان ڀاڱيداري طور ڳڻيو ويندو،

سنڌي وڪيپيڊيا تي مٿي کاٻي ڪنڊ تي توهان کي هڪ کاتو اڪائونٽ ٺاهڻ جي لاءِ نظر ايندو (داخل ٿيل نه آهيو، کاتو کوليو) ان تي ٺِڙڪ (ڪلڪ) ڪريو، ۽ کاتو ٺاهيو،

وڪيپيڊيا جي اڪائونٽ ٺآهڻ بابت هڪ سکيا وڊيو لاءِ اسان جي اڳوڻو وڊيو ٽيوٽرال ڏسو، انهي ٽيوٽرال کي ڏسڻ جي لاءِ هن وڊيو جي وضاحت (ڊسڪرپشن) ۾ ڳنڍڻو (لنڪ) شامل ڪيو ويو آهي.

انهي موضوع بابت ڪجھ تحقيق ڪريو جيڪو توهان وڪيپيڊيا تي مضمون/ آرٽيڪل ٺاهڻ چاهيو ٿا توهان پنهنجي پاڻ / توهان جي ڪاروبار بابت مضمون نه ٺاهيو، اهو دلچسپي جو تڪرار سمجهيو وڃي ٿو. پڪ ڪريو ته وڪيپيڊيا تي توهان جي موضوع بابت مضمون اڳ ۾ شايع نه ڪيل آهي، انهي جي تصديق ڪرڻ لاءِ، توهان پنهنجو عنوان وڪيپيڊيا ڳولها خاني ۾ (لکڻ جي ڪيترن ئي مختلف قسمن ۾، عام غلط هِجي سميت) ڳولها ڪريو ۽ ڳولها جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو. طريقو: سنڌي وڪيپيڊيا جي ويب سائٽ يوآرايل تي وڃو يا گوگل تي ان کي (سنڌي وڪيپيڊيا يا

Sindhi Wikipedia) لکي  ڳولھيو، جيڪو هيٺئين ريت آهي.

سنڌي وڪيپيڊيا جو يوآرايل URL: https://sd.wikipedia.org (هي يوآرايل URL پنهنجي ليپ ٽاپ / موبائل ويب برائوزر ۾ لکو) هاڻي کاٻي پاسي کان مٿي ڏسو ته لکيل هوندو داخل ٿيو، ان تي ڪلڪ ڪري توهان پنهنجي اڪائونٽ سان داخل (لاگِ ان) ڪريو، پنهنجو واپرائيندڙ نالو (يوزرنيم) ۽ ڳُجهو لفظ يعني پاسورڊ درج ڪريو ۽ داخل ٿيو (لاگ ان) نيرو رنگ ۾ بٽڻ ان تي ڪلڪ ڪريو. ڳولها خانو تي ٺِڙڪ (ڪلڪ) ڪريو ۽ مضمون جو عنوان داخل ڪريو جنھن کي توھان بڻائڻ (تخليق ڪرڻ، لکڻ) چاھيو ٿا. توهان پنهنجي مضمون (آرٽيڪل) کي مشق پَٽي ۾ لکڻ جي مشق (پريڪٽس) جو ڪم پڻ ڪري سگهو ٿا. هاڻي سنڌي وڪيپيڊيا جي مُک صفحو تي وڃو ۽ ٿورو هيٺ اسڪرول ڪري جتي توهان مضمون لکڻ لاءِ هڪ خانو (ان پُٽِ باڪس) ملندو، جنهن ۾ توهان پنهنجي مضمون جو عنوان لکي تخليق ڪريو بٽن تي ڪلڪ ڪريو، هڪ ايڊيٽر کُلي ايندو اتي سمورو مضمون لکو. يا وڪيپيڊيا تي کاٻي پاسي کان مٿي ڳولها خانو ۾ پنهنجو عنوان ٽائيپ ڪريو هاڻي توهان جو موضوع جا اکر ڳاڙهي رنگ جي عنوان ۾ نظر ايندا ان تي ڪلڪ ڪريو ۽ نئين ايڊيٽر کُلي ايندو، توهان پنهنجو مضمون اتي لکو، لکڻ وقت جتي جنهن جُملي جي آخر ۾ فُل اسٽاپ وٽ ڪرسر رکي حوالو شامل ڪريو، زمرا شامل ڪريو انهيءَ کانپوءِ توهان کي پنهنجو مضمون جمع ڪرڻ لاءِ محفوظ (سِيوِ ڪرڻ لاءِ) تبديليون ڇاپيو نيرو رنگ واري مٿي کاٻي پاسي تي نظر ايندڙ بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو، توهان جو مضمون سانڍجي ويندو. ان کي توهان پوءِ ڏسي ۽ پڙهي سگهو ٿا. مبارڪون! هاڻ توهان هڪ وڪيپيڊيئن آهيو

اسان سان سَماجي رابطن (سوشل ميڊيا) ذريعي جُڙو

https://www.facebook.com/SindhiWikipedia    فيس بُڪ.
 https://www.instagram.com/Sindhi_Wikipedia_Official انسٽاگرام

سبسڪرائب ڪريو سنڌي وڪيپيڊيا يوٽيوب چينل ۽ گِهنٽيءَ جي بٽڻ تي ٺِڙڪ (ڪلڪ) ڪريو ته جيئن هر نئون سکيا وڊيو توهان تائين سوَلائيءَ سان پهچي سگهجي

https://www.youtube.com/c/SindhiWikipedia يوٽيوب
اردو: سندھی ویکیپیڈیا پر ایک نیا مضمون کیسے بنانا ہے سندھی میں
Date
Source Own work
Author JogiAsad

Licensing

[edit]
I, the copyright holder of this work, hereby publish it under the following license:
w:en:Creative Commons
attribution share alike
This file is licensed under the Creative Commons Attribution-Share Alike 4.0 International license.
You are free:
  • to share – to copy, distribute and transmit the work
  • to remix – to adapt the work
Under the following conditions:
  • attribution – You must give appropriate credit, provide a link to the license, and indicate if changes were made. You may do so in any reasonable manner, but not in any way that suggests the licensor endorses you or your use.
  • share alike – If you remix, transform, or build upon the material, you must distribute your contributions under the same or compatible license as the original.

File history

Click on a date/time to view the file as it appeared at that time.

Date/TimeThumbnailDimensionsUserComment
current06:24, 16 March 2019Thumbnail for version as of 06:24, 16 March 20191,275 × 1,650, 2 pages (266 KB)JogiAsad (talk | contribs)User created page with UploadWizard

There are no pages that use this file.

Metadata